اسل??م آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ع??را?? خان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه چاهي ٿو، پي ٽي آءِ جي عهديدارن جي گهرن مان هٿيارن جي برآمدگي سان ع??را?? خان ج?? ارادا بي نقاب ٿي ويا آهن، ملڪ ۾ اڄ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي عوام ڏسي رهي آهي ۽ ان جو ذميدار صرف ع??را?? خان آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ع??را?? خان پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه جي سازش ڪري رهيو آهي، هو هٿيارن جي زور تي اسل??م آباد تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هن چيو ته بندوقن، بم ۽ گولن ۽ بارود سان انتشار پکيڙڻ نه ڏينداسين، حڪومت عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ جي پابند آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گوليون هلائڻ، جلاءُ گهيراءُ جا رويا سياسي نه آهن، سياسي سرگرمين ۽ لشڪر ڪشي جي وچ ۾ واضح لائين ڪڍڻي پوندي.