اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ پوليو جا تازا ڪيس سامهون اچڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سميت سمورين ڌرين پوليو جي خاتمي لاءِ محنت ۽ اڻ ڳڻيون خدمتون ڏئي رهيون آهن، تنهن هوندي به پوليو جو چئلينج اڃان موجود آهي جنهن جي مڪمل خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اهو هنگامي اجلاس وز??را??ظم ملڪ ۾ تازو پوليو جا ٽي ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد طلب ڪيو هو. اجلاس ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب، عبدالقادر پٽيل، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پنجاب جو وڏو وزير حمزه شهباز (وڊيو لنڪ)، آزاد ڪشمير جو وز??را??ظم سردار تنوير الياس، بلوچستان جو صحت وارو وزير احسا?? شاهه، خيبرپختونخوا جو صحت وارو صوبائي وزير سليم جهڳڙا (وڊيو لنڪ)، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ عالمي ادارن جا نمائندا شريڪ هئا، اجلاس ۾ وز??را??ظم چيو ته تازا پوليو ڪيس ظاهر ٿيڻ ڳڻتي جوڳا آهن، سمورين ڌرين سميت وفاقي ادارن، صوبائي حڪومتن ۽ عالمي ادارن ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ محنت ڪئي ۽ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ??ني??ن تنهن هوندي به پوليو جو چئلينج اڃان موجود آهي جنهن جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران هر ممڪن مدد ۽ تعاون جي خاطري ڪرايان ٿو، حڪومت پاڪستان عالمي ادارن سميت ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ ٻين ادارن جو پوليو جي خاتمي واري مهم لاءِ فني ۽ مالي امداد تي ٿورائتا آهيون، اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته هن سال اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ 3 پوليو ڪيسز اتر وزيرستان ۾ رپورٽ ٿيا، فيبروري 2021ع کان مارچ 2022ع (14 مهينا) جي دوران ڪو به پوليو ڪيس رپورٽ نه ٿيو، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جا 25 ضلعا پوليو وائرس جي پکيڙ جي حوالي سان هاءِ رسڪ آهن، وز??را??ظم هدايت ڪئي ته سموريون صوبائي حڪومتون پوليو مهم تي ڀرپور ڌيان ڏين، وز??را??ظم چيو ته سمورين ڌرين کي گڏجي پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ نئين جذبي ۽ ولولي سان ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، عالمي پارٽنرز سان سهڪار جاري رهندو ته ج??ئن پوليو جو مڪمل خاتمو ممڪن ٿي سگهي، وز??را??ظم شهباز شريف ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري پوليو جي خاتمي واري مهم جو آغاز ڪيو.