اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ??يص??ي جي خلاف ايف آءِ اي جي سپريم ڪورٽ ۾ د??خل درخواست جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو آهي ڄاڻايل پٽيشن فوري طور تي واپس ورتي وڃي ٿي جيڪا حڪومتي پال??سي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اصول جي خلاف آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم ۽ مون کي ڪجهه دير اڳ خبر پئي ته ايف آءِ اي پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ??يص??ي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ د??خواست داخل ڪئي آهي ته جيئن ايڪٽ جي سيڪشن 20 کي بحال ڪيو وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته ڄاڻايل پٽيشن حڪومت جي پال??سي ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي اصول جي خلاف آهي، تنهن ڪري ان کي واپس ورتو وڃي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم درخواست داخل ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، بدقسمتي سان درخواست داخل ٿيڻ جي خبر اسان تائين پهچڻ ۾ ٿوري دير ٿي ڇو ته اسان ٻنپهرن جي وقت بشام ۾ هئاسين جتي ڪي موبائيل سنگل نه هئا.