اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو افتتاحي سيشن پارليامينٽ هائوس ۾ شروع ٿيو جنهن جو موضوع اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي ??اءِ حصيداري آهي. افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت جي ??اءِ ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير، غيرملڪي مهمان، نمائندا، پارليامينٽ ميمبر ۽ ميڊيا جا نمائندا پهتا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙ نمائندن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم عمران خان پڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ قومي اسيمبلي جي ??ال ۾ پهتو. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه، چيني پرڏيهي وزير وانگ يي، سعودي عرب جو پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن سعود السعود، اسلامي ترقياتي بئنڪ جو صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 47 هين اجلاس جي ??اءِ چيئرمين نائجيريا جو حسومي مسعود پڻ اسٽيج تي وزيراعظم سان گڏ موجود هئا. افتتاحي سيشن جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي جنهن ۾ مسلمانن جي صفن ۾ اتحاد ۽ الله تعاليٰ تي پڪو يقين رکڻ جي ??اءِ الله تعاليٰ جي حڪمن تي روشني وڌي وئي. سيشن شروع ٿيندي ئي پاڪستان جو قومي ترانو وڄايو ويو. جڏهن ته ڪانفرنس ۾ مسلمان امت جي ??فادن جي تحفظ جي ??اءِ ڏهاڪن جي ڊگهي جدوجهد تي ٻڌل او آءِ سي جي سفر جي ??ختصر وڊيو ڏيکاري وئي. جمهوريه نائجيريا جي ??رڏيهي وزير ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 47 هين اجلاس جي چيئرمين حسومي مسعودو پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ انتهاپسندي ۽ اسلامو فوبيا جي شڪل ۾ امت کي درپيش چئلينجن تي سيمينارز ۽ ويبنارز منعقد ڪرڻ تي روشني وڌي. پنهنجي تقرير جي ??ڄاڻي کانپوءِ هن پاڪستان جي ??رڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي 48 هين اجلاس جي صدارت باضابطا طور ت?? ڏيڻ جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير پنهنجي تقرير ۾ ميمبر ملڪن جي اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو. سعودي عرب جي ??رڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏها??ي ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي صدارت سنڀالڻ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏني. سعودي پرڏيهي افغانستان ۾ امن جي ??اءِ ۽ افغانستان ۾ المناڪ انساني بحران کي روڪڻ جي ??اءِ مسلمان ملڪن جي ڪردار تي روشني وڌي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه چيو ته يوڪرين ۽ روس جي بحران سان او آءِ سي جي ??يمبر ملڪن جي ??عيشت تي سنگين اثر پئجي سگهن ٿا جيڪي دنيا جي آبادي جو 28 سيڪڙو آهي. ڪانفرنس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو هڪ وڊيو پيغام هلايو ويو جنهن ۾ هن مسلمان دنيا تي امن ۽ انسانيت جي ترقي لاءِ اتحاد ۽ هم اهنگي کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. قازقستان جي ??رڏيهي وزير علائقائي گروپن پاران بيان ڏنو. تيونس جي ??رڏيهي وزير عثمان جيراندي عرب گروپ پاران هڪ لڳي 6 منٽن تي پنهنجي تقرير شروع ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي گڏيل دشمن آهن، جيڪي مسلمان ملڪن کي عدم استحڪام جو شڪار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ ۽ پرامن رهڻ جي ??نصفاڻي مقصدن جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.