اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبل?? ميمبرن جدا جدا ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قومي اسيمبل?? ميمبرن فضل محمد خان، محمد افضل خان ڍانڍلا، غلام محمد لالي، امجد خان نيازي، مخدوم سميع الحسن، يعقوب شيخ، ساجد ذوالفقار ۽ عندليب عباس ملاقاتون ڪيون. وفاقي وزير اسد عمر، پرويز خٽڪ، شفقت محمود ۽ خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر پڻ ملاقاتن ۾ موجود هئا. ملاقاتن ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن ۽ جا??ي ترقياتي منصوبن ۽ م??جوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.