اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۾ سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر موهن ويجي وڪرما سان ملاقات ڪ??ي ۽ سريلنڪا جي شهري سان سي??لڪوٽ ۾ پيش آيل واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ??ي سي??لڪوٽ جي واقعي کانپوءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سي??لڪوٽ واقعي جي سڄي ملڪ ۾ مذمت ڪ??ي وئي آهي. سي??لڪوٽ واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سي??لڪوٽ واقعي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي اثر نه پوندا.