اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي دوري جي موقعي تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر پريس ون?? پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مضبوط معاشي حصيداري جي لاءِ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت ??هي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ڪاسا 1000 منصوبي تي عملدرآمد جو جائزو پڻ ورتو. صدر ??اڪٽر عارف علوي پاڪستان جي بندرگاهن جي ذريعي تاجڪستان جي لاءِ علائقائي انضمام ۽ رابطن تي روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان کي افغانستان ۾ انساني صورتحال جي ڪري درپيش چئلينجز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ??اڪٽر عارف علي چيو ته پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ عدم استحڪام جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. هن تاجڪستان جي صدر ??ي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. صدر ??يو ته افغان معيشت کي بچائڻ جي لاءِ افغانستان جا منجمند اثاثا غيرمنجمند ڪرڻ جي ضرورت ??هي. صدر ??يو ته سمورن افغانين جي حقن جو احترام ۽ افغان سرزمين ??نهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن، مفاهمت ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان ۽ تاجڪستان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت ??هي. صدر ??يو ته افغانستان ۾ پائيدار امن خطي ۾ واپار ۽ معاشي موقعا فراهم ڪندو. ملاقات دور??ن ٻنهي اڳواڻن موجوده ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.