اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ”دعوت اسلامي“ جي 8 رڪني وفد پر??يهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ حاجي يوسف سليم، احتشام عطاري، سليم بلال، محمد عمران، آصف پولاني، اختر اسماعيل ۽ يوسف سليم شامل هئا. دعوت اسلامي جي وفد پر??يهي وزير کي آگاهه ڪيو ته ”دعوت اسلامي“ هڪ غير سياسي تنظيم آهي جيڪا سڄي دنيا ۾ دعوت ۽ تبليغ سان گڏوگڏ فلاحي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندي آهي، دارالمدينه اسڪول سسٽم دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ تعليم ۽ تربيت جو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي. حاجي سليم عطاري پر??يهي وزير کي ٻڌايو ته ٻوڏ، قدرتي آفتن خاص طور تي ڪورونا وائرس جي وبا دوران دعوت اسلامي متاثرين جي دل کولي مدد ڪئي. هنن پر??يهي وزير کي آگاهه ڪيو ته دعوت اسلامي ”ٿيليسيميا فري پاڪستان“ جي فلاحي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ هن وقت تائين ٿيليسيميا جي مريضن کي رت جا 42 هزار بيگ عطيا ڪري چڪي آهي، پر??يهي وزير دعوت اسلامي جي فلاحي سرگرمين کي ساراهيندي چيو ته اسلام، ڀائيچاري، محبت ۽ اخوت جو درس ڏي ٿو. هن چيو ته افغانستان هن وقت شديد معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، ح??وم?? پاڪستان جهازن جي ذريعي ۽ زميني رستي سان انساني امداد ۽ دوائون افغانستان موڪلي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان 38 ملين آبادي جو ملڪ آهي، گذريل ٻن سالن کان اتي ڏڪار جهڙي صورتحال آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انساني همدردي جي بنياد تي افغان شهرين جي فوري امداد کي يقيني بڻايو وڃي. پر??يهي وزير چيو ته اسان افغان شهرين جي انساني بنيادن تي مدد لاءِ عالمي برادري سان مسلسل رابطي ۾ آهيون. اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري، ماضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪندي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيندي. وفد پر??يهي وزير کي مرڪز فيضان مدينه ڪراچي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن ٿوري سان گڏ قبول ڪري ورتي.