ڪراچي – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته دنيا چاهي ٿي ته افغانستان جا اڪائونٽس منجند ڪرڻ سان انساني بحر??ن پيدا ٿيندو، اسان کي اميد ڪرڻ گهرجي ته طالبان دنيا سان گڏجي هلندا ۽ جيئن انهن چيو هو ته اهي دهشتگرد تنظيمن ٽي ٽي پي يا داعش کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي گهرو وزير چيو ته موجوده حالتن ۾ ڀارت جي ڪا خواهش پوري نه ٿي ۽ نه رتوڇاڻ ٿيو. ڀارتي ميڊيا پاڪستان تي پابندي لڳائڻ جي لاءِ گوڙ ڪري رهيو آهي. نريندر مودي جي ميڊيا پنج شير جي هٿ ٺوڪي خبرن تي پاڪ فوج جي خلاف بي بنياد الزام هنيا ۽ بي بنياد خبرون نشر ڪيون. وفاقي گهرو وزير چيو ته ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پاڪستان جو افغانستان ۾ مفاد رڳو امن، استحڪام ۽ ترقي آهي، ڀارتي ميڊيا ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ جاگرافيائي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. پاڪستان دنيا سان امن تي به ڳالهه ڪندو. گهرو وزير چيو ته اسان ملا برادر ک?? امن جي مقصد جي لاءِ آمريڪين سان ڳالهين تي ويهڻ جي سهولت فراهم ڪئ??، آمريڪا هڪ معاهدي تي صحيحون ڪري افغانستان ڇڏيو، پاڪستان ان تي ڪا صحيح ناهي ڪئ??. اسان انهن کي ڪجهه ڪرڻ جو نه چيو پر اسان رڳو امن جا سهولتڪار آهيون. افغانستان م??ن پ??ڏي??ين جي انخلا بابت پاڪستان جي ڪوششن جي حوالي سان هن بڌايو ته پاڪ فوج 8 کان 10 هزار ماڻهن (پ??ڏي??ين) کي پاڪستان مان وڏي مهمان نوازي سان انهن جي اباڻن علائقن يا جتي انهن وڃڻ چاهيو منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏني هئ??. هن چيو ته گهرو وزارت انهن کي 21 ڏينهن جي لاءِ ويزا جاري ڪيا هئا ۽ انهن پ??ڏي??ين کي هڪ مهيني جي ويزا به جاري ڪئ??، جيڪي اڏامن ۾ دير يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري پنهنجي منزلن تي نه وڃي سگهيا. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڪا پناهگير ڪئ??پ نه آهي ۽ جيڪي ماڻهو غيرقانوني طور تي ملڪ ۾ داخل ٿيا هئا انهن کي واپس موڪليو ويو.