اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي برادري کي افغان عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيهڻ ۽ م??بت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ م??اشي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ترغيب پيدا ڪرڻي پوندي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري تي آيل اٽلي جي پرڏيهي وزير ليوگي ڊي ماريو سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ س??ڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ ڊگهي تڪرار ۽ عدم استحڪام جي ڪري پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي. هن چيو ته هڪ پرامن، محفوظ ۽ م??تحڪم افغانستان پاڪستان سان گڏوگڏ علائقائي ملڪن جي پڻ بهترين مفاد ۾ آهي. ملاقات دوران افغانستان جي تازي صورتحال ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته هن نازڪ موڙ تي افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال، امن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ پناهگيرن جي ڪنهن وڏي پئماني تي هجرت کي روڪڻ جي لاءِ قدم انتهائي لازمي آهن. ان ڏس ۾ انساني بحران کي روڪڻ ۽ م??يشت کي مستحڪم ڪرڻ انتهائي اهم ترجيحون آهن. ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان چيو ته اٽلي پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم حصيدار آهي. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه کي به اجاگر ڪيو ته اٽلي ۾ وڏي انگ ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير ليوگي دي ماريو افغانستان مان انخلا جي ڪاررواين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿور?? مڃيا ۽ م??تلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ اٽلي جي عزم کي ورجايو. اٽلي جي پرڏيهي وزير وزيراعظم کي اٽلي جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي اٽلي جي وزيراعظم ماريو ڊراگي کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.