اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي 74 سالن جي سفر دوران ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو پر اسان پنهنجي محنت، قربانين ۽ گڏيل تعاون سان انهن چئلينجن مان سرخرو ٿياسين، ملڪ جي معاشي انگن اکرن ۾ بهتري اچڻ جا اثر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، اسان ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي تي ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي ??مايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون ٿا، اڄوڪي ڏينهن قوم وچن ڪندي ته اسان قائداعظم جي نظرين تي ??مل ڪندي پاڪستان جي اتحاد ۽ خوشح??لي لاءِ ڪم ڪنداسين.
پاڪستان جي 75 هي?? آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي ن??لي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته مون پاڪستان جي 75 هي?? آزادي جي ڏهاڙي جي پرمسرت موقعي تي پنهنجي وطن واسين جي خوشي ۾ برابر جو شريڪ آهيان، اهو ڏينهن اسان کي بابا??ِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ ٺاهيو، کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پنهنجي 74 سالن واري سفر دوران پاڪستان ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو، پر اسان پنهنجي محنت، قربانين ۽ قوم جي تعاون سان انهن چئلينجن مان سرخرو ٿياسين، پاڪستاني قوم هڪ ذهين ۽ بهادر قوم آهي ۽ مختلف شعبن ۾ اسان جون نمايان ڪاميابيون اسان کي ٻين قومن کان مشهور ڪن ٿيون،
صدر چيو ته دنيا کي ان ڳالهه جي تعريف ڪرڻي پوندي ته پاڪستان انفرادي طور تي ??هشتگردي جي خلاف ڊگهي جنگ وڙهي ۽ آخر ڪار ان لعنت کي شڪست ڏني. اهڙي طرح پاڪستان جو جوهري طاقت بڻجڻ به هڪ وڏي ڪاميابي آهي ۽ اسان جي جوهري صلاحيتن ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. صدر عارف علوي چيو ته اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ان کانسواءِ ڪورونا وبا جي خلاف پاڪستان جي موثر قدمن کي به عالمي سطح تي ??اراهيو ويو، ڪورونا وبا جي خلاف ان عظيم ڪاميابي تي ??ئون ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪس، عالم سڳورن، ميڊيا، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر، سيڪيورٽي فورسز ۽ پوري قوم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
هن چيو ته اسان جي معاشي انگن اکرن ۾ بهتري اچڻ جا اثر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، انهن ڪاميابين جي باوجود پاڪستان کي هاڻي به سماجي ۽ معاشي محاذن تي مختلف چئلينجز درپيش آهن. انهن چئلينجز ۾ و??ند?? آبادي، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي کوٽ، ذهني ۽ جسماني واڌ ويجهه ۾ گهٽتائي، غذائي کوٽ ۽ ٻيون بيماريون شآمل آهن، صدر چيو ته اها هڪ حوصلي واري ڳالهه آهي ته حڪومت قرضن ۽ هنر جي فراهمي جي ذريعي عورتن ۽ معذور ماڻهن کي معاشي طور تي ??ااختيار بڻائڻ لا??ِ قدم کنيا آهن، وڌيڪ حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن کي تعليم، صحت ۽ م??لي امداد جي فراهمي لاءِ ”احساس پروگرام“ تحت سماجي ڀلائي جا مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن. تنهن هوندي به اسان کي خصوصي ماڻهن جي سهولت، ڀلائي ۽ ترقي ۽ وراثت ۾ عورتن جي حقن جي فراهمي يقيني بڻائن لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي،
صدر چيو ته ه?? آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ??سان ڪشمير تڪرار تي ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي ??مايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون آهن، آئون پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي خاطري ڪرايان ٿو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ان جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين انهن سان گڏ بيٺل رهندو. آئون بين الاقوامي برادري کي اپيل ڪريان ٿو ته اهو ڀارت کي مجبور ڪري ته هو ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪسمير جي بي گناهه مسلمانن جي خلاف انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري ۽ ڪشميرين کي انهن جو خودمختياري وارو حق ڏيڻ جو واعدو پورو ڪري، صدر عارف علوي چيو ته اچو ته اسان وچن ڪريون ته قائداعظم محمد علي جناح جي نظرين تي ??مل ڪنداسين ۽ پاڪستان جي اتحاد ۽ خوشح??لي لاءِ ڪم ڪنداسين.