اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اعلان ڪ??و آهي ته هو پنهنجي حڪومت جي ايندڙ ٻن سالن ۾ پاڪستان ۾ راندين تي خاص ڌيا?? ڏيندو، معيشت سميت ٻين ملڪي مسئلن جي ڪري هو راندين جي لاءِ وقت نه ڏئي سگهيو. ”توه??ن جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ ??وش?? ميڊيا تي طلحيٰ طالب جي سرڪاري سرپرستي کانسواءِ اولمپڪس ۾ نمايان ڪارڪردگي جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته راندين کي جيڪو وقت ڏيڻ گهرجي ها نه ڏئي سگهيس، معيشت ۽ ٻين مسئلن تي ڌيا?? ڏيڻ جي ڪري اهو وقت نه ڏئي سگهيس، آئون راندين بابت بهتر ڄاڻان ٿو، ڪرڪيٽ، هاڪي، اسڪوائش جو عروج ڏٺو، راندين ۾ پستي جو بنيادي سبب ٻن خاندانن جي حڪومت آهي جن ادارا تباهه ڪيا، انهن نيب ۾ پنهنجا من پسند ماڻهو ويهاري ان کي تباهه ڪيو پر اس??ن جي دور ۾ نيب پهريون ڀيرو وڏن ماڻهن تي هٿ وڌو جڏهن ته اهو ئي قانون آهي، بي شرمي ۽ بيدردي سان ملڪ کي ڦريو، هاڻي ان اداري انهن جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. وزيراعظم چيو ته راندين ۾ اسان دنيا سان مقابلو ڪري رهيا هئاسين، دنيا پنهنجي جديد ذريعن سان اڳتي وڌي رهي آهي، اس??ن جو مسئلو راندين جا ادارا نه ٺاهڻ آهي، اسڪوائش ۾ جان شير ۽ جهانگير خ??ن جي وڃڻ کانپوءِ اها راند اس??ن جي هٿن ۾ نڪري وئي ڇو ته اسان اسڪوائش جو ادارو نه ٺاهيو، اسان کي راندين جا ادارا ٺاهڻا آهن، پروفيشنلز کڻي اچڻا آهن، آخري ٻن سالن ۾ ان تي ڀرپور ڌيا?? ڏيندس. هن چيو ته سسٽم بهتر ??يڻ جي ڪري نيوزيلينڊ ڀارت کي هارائي ڇڏيو، اسان يونين ڪائونسل جي سطح تائين ميدان ٺاهڻ جو فيصلو ڪ??و آهي، اسان آهستي آهستي سسٽم ٺيڪ ڪنداسين.