اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ڪراچي جي پاڻي جون ضرورتون پو??يو?? ڪرڻ لاءِ ”ڪي فور“ منصوبو مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ت??ز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي کي پاڻي جي شديد کوٽ درپيش آهي، پاڻي جي فراهمي جو اهو منصوبو تيز رفتار بنيادن ت?? هلائڻ جي ضرورت آهي، لاڳاپيل حصيدار ان حوالي سان هم آهنگي سان ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظها?? هن ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ڪي فور بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. واپڊا چيئرمين ليفٽينٽ جنرل (ر) مزمل حسين منصوبي جي باري ۾ صدر کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. واپڊا چيئرمين ڪراچي ۾ پاڻي جي موجوده صورتحال ۽ مستقبل جي ضرورتن ت?? تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته جون 2021ع تائين ڪنسلٽنٽس ڪم شروع ڪري ڏيندا جڏهن ت?? ڊزائين ??يو??و آڪٽوبر 2021ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته منصوبي تي فيبروري 2022ع ۾ ڪم شروع ٿيندو ۽ اهو آڪٽوبر 2023ع ۾ مڪمل ٿي ويندو.