اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ لائ??و اسٽاڪ شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرو??ت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان معاشي ترقي، غذائي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي ۾ مدد ملي سگهي ٿي، لائ??و اسٽاڪ شعبي ۾ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي، لاڳاپيل ادارا گوشت برآمد ڪندڙن کي سهولتون ڏين ۽ انهن جون مشڪلاتون حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. هو گوشت جي روانگي واپار ۽ پراسيسنگ بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.