اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد محمد بن س??مان بن عبدالعزيز جي دعوت تي جمعي ڏينهن سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ??وا??و ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ڪابينا جا ٻيا وزير پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندا. دوري دوران وزيراعظم سعودي قيادت سان معيشت، واپار، سيڙپڪاري، توانائي، پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ نوڪرين جي موقعن، سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين س??يت ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، دوري دوران ٻنهي طرفن کان گڏيل ??لچ??پي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، دوري دوران ڪيترن ئي ٻطرفن معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحو?? متوقع آهن.