اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته بهترين ۽ جديد طبي سهولتن تائين پهچ ملڪ جي موجود هر فرد جو بنيادي حق آهي، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاران جاري ڪيل احتياطي تدب??رن تي عملدرآمد ضروري آهي، صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ هنن چيو ته حڪومت پاران عوام کي صحت جون بهترين سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پارليامينٽ جي ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي ت?? ۾ ??يڪسينيشن جي عمل کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، عوام کي بنيا??ي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هنن چيو ته موجوده حڪومت مل?? ۾ ??ئين اسپتالن جي قيام ۽ موجوده اسپتالن جي اپگريڊيشن لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، صحت انصاف ڪارڊ جي بنا فرق جي فراهمي موجوده حڪومت جو سڀ کان وڏو اهم ڪارنامو آهي، هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر کي پاڻ ۾ ا??تلاف وساري صحت جي شعبي بابت مسئلن جي حل لاءِ جامع پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي.