چڪوال – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پارليامينٽ جا ميمبر چونڊ مهم تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪن ٿا، مخالف ڌر اڳواڻن جي خواهش تي اهي استعيفيٰ ڪيئن ڏئي سگهن ٿا، اسيمبلين ۾ مخالف ڌر ميمبرن جا فارورڊ بلاڪ ٺهي ويندا، مولانا فضل الرحمان ته 12 هون رانديگر آهي، ان جي چوڻ تي ڪير استعيفيٰ ڏيندو، توانائي جي معاملي تي جلد قوم کي خطاب ڪندس، بجلي جي پيداواري لاڳ?? سان گردشي قرض وڌي ٿو، بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ??ڻڻ جي لاءِ آءِ پي پيز سان ڳالهيون جاري آهن، کاڄرو تيل جي پيداوار ۾ پاڻڀ??ائ?? جي لاءِ زيتون جي پوکي کي وڌايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.