اسلام آب??د ?? 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڊينم??رڪ فوسل فيولز تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ ??ي لاءِ ڪچري مان توانائي پيدا ڪرڻ ۽ ڪچري کي موثر طور تي ٺڪاڻي لڳائڻ ??ي لاءِ تجربن مان فائدو کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊينم??رڪ جي سفير ليس روزن هوم هتي پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم ايڇ مانڊوي والا سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ اضافي جي امڪانن جو جائزو ورتو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي مستحڪم بڻائڻ تي زور ڏنو ڇو ته هن وقت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو گهربل سطح تي نه آهي، هن سفير کي چيو ته ڊينم??رڪ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ??ي لاءِ متوجه?? ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ کيس پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار ??ي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، ڊينم??رڪ جي سفير ڊپٽي چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪندي چيو ته پارلياماني وفدن جي ٻه طرفي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي.